عباسي منور علي حاجي

عباسي، منور علي، حاجي: مشهور سياستدان حاجي منور علي عباسي ولد حاجي خان محمد عباسي، 30 سيپٽمبر 1944ع تي ڳوٺ وليد، تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول وليد، مئٽرڪ 1960ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان، بي. اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1966ع ۾، ۽ ايل. ايل. بي گورنمينٽ لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1981ع ۾ حاصل ڪئي. منور عباسي شاگرديءَ واري دور ۾ والي بال ۽ ڪرڪيٽ جو سٺو رانديگر رهيو. 1977ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو صدر، 1989ع ۾ لاڙڪاڻي ڊويزنل ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جو صدر، 96-1995ع ۾ سنڌ اسپورٽس بورڊ جو ميمبر ۽ بورڊ آف ڪرڪيٽ ڪنٽرول آف پاڪستان (BCCP) جو تاحيات ميمبر آهي. منور عباسي جي سياسي وابستگي پ پ پ سان رهي. هو پارٽيءَ جو بنيادي ميمبر هئڻ سان گڏ 1970ع کان 1973ع تائين پ پ پ تعلقي لاڙڪاڻي جو صدر، 1973ع کان 1976ع تائين پ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جو جنرل سيڪريٽري، ۽ شهيد بينظير جي حياتيءَ تائين پ پ پ جي سنڌ ڪائونسل جو ميمبر رهيو. هيءُ مارشل لا حڪومت دوران ايم. آر. ڊي جدوجهد ۾ وقت بوقت جيل ۾ رهيو. منور عباسي 1979ع ڌاري ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر چونڊيو. 1980ع ۾ تعلقي لاڙڪاڻي ڪائونسل جو چيئرمئن، 1981ع ۾ لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جو وائيس چيئرمئن رهيو. ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران 1983ع ۾ احتجاج طور سڀئي عهدا ڇڏيائين. 1987ع ۾ پ پ پ پاران بلدياتي چوندن ۾ لاڙڪاڻي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ۽ ميونسپالٽيءَ جو چيئرمئن چونڊيو، جتي 1990ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. 8 نومبر 1988ع تي عام چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. جنهن دوران ٽرانسپورٽ، بهبود آبادي ۽ بلديات جو وزير رهيو. 1990ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1993ع جي چونڊن ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀُٽي جي مقابلي ۾ بيٺو، پر کٽي نه سگهيو. منور عباسي 1997ع جي اليڪشن ۾ وارهه جي تڪ تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.09.30  عيسوي

حاجي منور علي عباسي ولد حاجي خان محمد عباسي، 30 سيپٽمبر 1944ع تي ڳوٺ وليد، تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آر اي شاهه
عـالـو مـل ٽـيڪـم داس
ٻگهيو عزيز الرحمان ڊاڪٽر
شتروگهن سنها
خير محمد خان استاد
پرڪاش مڻي دادي
الهداد زرداري
پکيئڙو محمد صديق
آگھمي ابو طالب
رامچندر ڀڳت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون